شمشاد غوري

شمشاد غوري

شمشاد غوري

شمشاد غوري: سنڌي اردو ڊرامن جو معروف اداڪار شمشاد خان ولد عبدالغفار خان غوري، 4 اپريل 1955ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ناميارن اداڪارن شهباز بلوچ ۽ الطاف سومري جي صحبت ۽ رهنمائيءَ ۾ هيءُ فن جي دنيا ۾ آيو. 2006ع ۾ هن سنڌ ٽي. وي جي ڊرامن: ‘رنگ زماني جا’، ‘هوشو’ ۽ ‘الف ليليٰ ’ ۾ ڪم ڪيو. مهراڻ ٽي. وي جي سيريل ‘رياست’ کان علاوه هن اسٽيج تي سيد يار محمد شاهه جي ڊرامي ‘پوليس پرابلم- نوپرابلم’ ۽ اسلم آزاد جي پيش ڪيل ‘شاهه عنايت شهيد’ ۾ به اداڪار ڪئي. اردو چئنل هم ٽي. وي جي ڊرامي ‘انسانون جيسي لوگ’ ۽ جيو ٽي. وي جي ‘ديا جلائي رکنا’ ۾ پڻ هن پرفارم ڪيو. هن هڪ ڊاڪيومينٽري ‘مان ڪاري ناهيان’ ۾ پڻ پرفارم ڪيو. سندس مشهور ڊرامن ۾: ‘جاني جيڪسن’ (2006ع)، مزاحيه ٻن ڊرامن: هيءُ ‘ٻڪرو ڪنهن جو آهي’ ۽ ‘ٻڪرو رابعه جو’ قابل ذڪر آهن. هن سنڌي فلم ‘زورآور’ ۽ اردو فلم ‘مين اور ميرا ڀائي’ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي.
شمشاد غوري سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ آرٽس ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. کيس فني مڃتا طور شهباز دراني اوارڊ، مشتاق چنگيزي اوارڊ ۽ يعقوب ذڪريا اوارڊ سميت ٻيا اعزاز به مليا آهن. هي اڄڪلهه لياقت ڪالوني حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.04.04  عيسوي

سنڌي اردو ڊرامن جو معروف اداڪار شمشاد خان ولد عبدالغفار خان غوري، 4 اپريل 1955ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز ڀٽي
خوش محمد خاطي مفتي
جالينوس
جمعو فقير 2
پشپا ڀاوناڻي
چنا محمد منير
حسن بن صباح
مخدوم ساهڙ لنجار
الهه بخش محمدي
راهوجو ذوالفقار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون